موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان سومر تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي:موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان سومر تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ هڪ دفعو ٻيهر ٻوڏ جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. موسميات کاتي موجب سنڌ جي هيٺاهين وارا علائقا هڪ دفعو ٻيهر پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته ڪراچي ۾ تازي برساتن سبب معمول واري زندگي سخت متاثر ٿي آهي. شهر ۾ کائڻ پيئڻ جي شين سميت پيٽروليم شين جي سپلاءِ به متاثر آهي.

شهر جي مختلف فيول اسٽيشن تي بجلي ۽ تيل جي عدم فراهمي سبب ماڻهن جي اچڻ وڃن ۾ پريشاني  کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪراچي جي  واڙن تان کير جي فراهمي به متاثر ٿي آهي. تيز برسات شهر جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. بجلي جي بندش ۽ موبائل سروس متاثر ٿيڻ سبب شهرين کي پريشاني پيش اچي رهي آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔