نيوزي لينڊ جي مسجدن ۾ نمازين کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد کي عمر قيد جي سزا

عدالت ڪرائسٽ چرچ واقعي ۾ ملوث دهشتگرد برينٽ ٽيرنٽ کي بنا پي رول جي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ نيوزي لينڊ جي تاريخ ۾ ائين پهريون ڀيرو ٿيوآهي .

نيوزي لينڊ ۾ ان کان اڳ ڪنهن کي به پي رول کان سواءِ سزا نه ٻڌائي وئي آهي ، عدالت جوابدار کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو پر هن پنهنجي لاءِ ڪجه به نه چيو .

دهشتگرد ٻن مسجدن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ۽ درجنن کي زخمي ڪيو هو ، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي سومر کان شروع ٿي هئي جيڪا چئن ڏينهن تائين جاري رهي .

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جسينڊا آرڊن عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مسجدن تي حملا ڪندڙ ڏوهاري سزا جو مستحق هو.

دهشتگردي جو اهو واقعو 15 مارچ 2019 تي نيوزي لينڊ ۾ پيش آيو هو جڏهن جمعي ڏهاڙي النور مسجد ۽ اورلين ووڊ ۾ دهشتگرد برينٽ ٽيرنٽ فائرنگ ڪئي هئي

پوليس کي ڏنل بيان ۾ دهشتگرد جو چوڻ هو ته هو نيوزي لينڊ جي ننڍڙي اقليتن ۾ خوف پکيڙڻ چاهي رهيو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔