غربت جو شڪار ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غربت جو شڪار ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ پهرين ترجيح آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خاص مددگار ثانيا نشتر، ناڻي سيڪريٽري، نادرا چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ضروري شين جي مد ۾ حڪومتي سبسڊي جي معاملن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ حڪومتي سبسڊي حقدار ماڻهن تائين بهتر نموني پهچائڻ ۽ سبسڊي جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته غربت جو شڪار ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ پهرين ترجيح آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ ٽارگيٽڊ بڻايو وڃي.

هن چيو ته ماضي ۾ سبسڊي جي نظام جي خامين کي ختم ڪرڻ جون ضرورتون نظرانداز ڪيون ويون، غريبن لاءِ بنيادي ضروري شين تي ٽارگيٽڊ سبسڊي جي فراهمي جي تجويزن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔