سنڌ ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 4 ماڻهو فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران قاتل ڪورونا وگهي وڌيڪ 4 مريضن دم ڏنو. وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران 6389 ڄڻن جا جزا ورتا ويا جن مان 201 وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هن وقت صوبي ۾ وائرس سٽيل جو انگ هڪ لک 28 هزار 8 سئو 77 تائين پهتو آهي. ڪورونا وگهي 4 فوت ٿيڻ بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 2388 ٿي ويو ۽ 24 ڪلاڪن دوران 90 مريض صحتياب ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ 85، ٺٽو ۾ 39، بدين ۽ ڄامشورو ۾ 9_9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ 7_7 ڪيس رپورٽ ٿيا. عمرڪوٽ ۾ 5، حيدرآباد، مٽياري، لاڙڪاڻو، سانگهڙ ۽ بينظير آباد ۾ 3_3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. شڪارپور ۾ 2، گهوٽڪي، قمبر_شهدادڪوٽ،ميرپورخاص، نوشهروفيروز ۽ سکر ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔