پي ٽي آءِ جي انتقامي ڪاررواين پويان فوج نه آهي: احسن اقبال

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته انهن جي پارٽي ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي مخالفن کي نشانو بڻائڻ واري پاليسي پويان فوج نه آهي .

نارووال اسپورٽس سٽي پروجيڪٽ بابت ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي وقت صحافين سان ڳالهائڻ وقت سندس چوڻ هو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جي فوج ۽ اسان جي فوجي قيادت جو ملڪ جي اپوزيشن کي نشانو بڻائڻ واري ڪارروائين سان ڪو واسطو ناهي ، ڇو ته فوج ۽ ٻيا قومي ادارا سياست کان پري آهن ۽ اهي غير سياسي آهن .

هڪ انگريزي اخبار موجب مسلم ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته حڪومت اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته قومي ادارا ان جي اهڙي پاليسي ۾ شريڪ آهن ، حڪومت جو اهو عمل سٺو ناهي جنهن جي هو مذمت ڪري ٿو .اهو عمل ملڪي سلامتي لاءِ به سٺو ناهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔