ڪراچي ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشن جاري

ڪراچي : ڪراچي ۾ برسات متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جو ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشن جاري آهي، آرمي انجنيئرز ڪور جي هيوي مشينري ۽ پلانٽس ملير ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو روڪڻ لاءِ رڌل آهي،متاثرن کي پڪل کاڌو به پهچايو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي انجنيئرز ڪور جي هيوي مشينري ۽ پلانٽس ملير ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو روڪڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، جتي کَنڊن کي ڀريو پيو وڃي ۽ شهرين کي ٻيڙين جي مدد سان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق کوهي ڳوٺ ۽ درمحمد ڳوٺ ۾ برسات سبب 200 کان وڌيڪ خاندانن گهرن جي ڇتين تي پناهه ورتي، متاثرن کي کاڌي پيتي جون شيون پهچايو ن ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔