ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 12 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 12 مريض فوت ٿيڻ بعد انگ 6 هزار 267 ٿي ويو،جڏهن ته 482نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪرونا مريضن جو انگ 2 لک 94 هزار 193 ٿي ويو،جڏهن ته هيل تائين 2 لک 78 هزار 939 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 8987 رهجي ويو آهي ۽ 113 مريض وينٽيليٽرز تي موجود آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کان وڌيڪ متاثر مريضن آهن،جن جو تعداد هڪ لک 28 هزار 676 ،پنجاب ۾ 96 هزار 466 ۽ ڪي پي ۾ 35 هزار 831 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ متاثرن جو تعداد 12 هزار 664، اسلام آباد ۾ 15 هزار 546، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 265 ۽ گلگت ۾ 2 هزار 745 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔