سنڌ حڪومت سڄي صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو: علي زيدي

اسلام آباد: وفاقي وزير علي زيدي ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب آيل تباهي بابت چيو آهي ته ڪراچي ۾ هن ڪراچي ۾ تباهي جي اڳڪٿي ڪئي ۽ سڀني کي خبردار ڪيو پر سنڌ جي ذميدارن ۽ اختيار رکندڙن سڀني کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي خوش فهمي ۽ نااهلي ڪراچي ئي نه پر سموري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. علي زيدي چيو ته بس، هاڻ گهڻو ٿي چڪو،مون تباهي جي پهريان ئي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن چيو ته سنڌ ۾ جن وٽ اختيار آهن،انهن کي ٻڌڻ ۾ نٿو اچي،اهي مستقل طور انڌا ۽ ٻوڙا آهن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪاهلي ڪراچي کي بربادي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔