ڪراچي کي پلاننگ کان سواءِ آباد ڪيو ويو ان لاءِ اتي مسئلا وڌيڪ آهن: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي   کي  پلاننگ کان سواءِ آباد ڪيو ويو ان لاءِ مسئلا آهن.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ برساتن جو 90 سال پراڻو رڪارڊ  ٽٽي ويو آهي جڏهن 8 ڪلاڪن  تائين برسات پوندي ته روڊن تي پاڻي ضرور بيهندو اهو ممڪن  ئي ناهي ته ايتري وڌيڪ برسات پئي ۽ روڊن تي پاڻي جمع نه ٿئي ان لاءِ ڪجهه آبادين ۽ روڊن تي پاڻي موجود آهي.

هن چيو ته ڪراچي کي پلاننگ کان سواءِ آباد ڪيو ويو ان لاءِ مسئلا آهن. سنڌ حڪومت جيترا انڊر پاس ٺاهيا آهن انهن ۾ ڪنهن  به هڪ  ۾ پاڻي جمع ناهي ٿيو.

سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ 2001 جي قانون سبب تباهي ٿي آهي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سمجهي ٿي ته 2001 جو قانون ٻيهر واپس ايندو ته اهو هاڻ  نٿو ٿي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔