اسلام آباد هاءِڪورٽ پاران وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي عهدي تان هٽائڻ بابت درخواست رد

اسلام آباد : وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر کي عهدي تان هٽائڻ بابت درخواست رد ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ابتدائي ٻڌڻي بعد درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مرزا شهزاد اڪبر جي خلاف داخل درخواست آبزرويشنز سان گڏ اڪلائي ڇڏي، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله 9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو آهي، عدالت تحريري فيصلي ۾ لکيو آهي ته اهڙو ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو جيڪو شهزاد اڪبر جي نيب ۾ مداخلت ثابت ڪري، فيصلي ۾ چيو ويو ته آئين صدر پاڪستان کي وزيراعظم جي ايڊوائس تي وڌ کان وڌ 5 صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو، وزيراعظم جو صوابديد آهي ته هو پنهنجي لاءِ ڪنهن کي صلاحڪار مقرر ڪري، تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي صلاحڪار جي مقرري جي لاءِ اهليت جو ڪو به معيار مقرر ڪونهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به لکيو آهي ته شهزاد اڪبر جي بطور سربراهه ايسٽ ريڪوري يونٽ مقرري جو معاملو هتي نٿو ڏسي سگهجي، ڇو ته ايسٽ ريڪوري يونٽ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ اٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔