ملير ندي ۾ قبضن سبب نقصان ٿيو،ڪنهن ۾ طاقت ناهي جو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري:مراد شاهه

ڪراچي : وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ملير، گهارو، ٺٽو ۽ سجاول ۾ برسات جي تباهين جو جائزو ورتو، انتظاميا طرفان وڏي وزير کي نقصانن بابت بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملير ندي ۾ قبضن سبب برساتن دوران گهڻو نقصان ٿيو، مُک رستن تان فوري طور پاڻي نيڪال ڪيو آهي، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو اختيار سنڌ حڪومت ۽ ڪابينا کي آهي، بلدياتي ادارن جو آئيني مُدو پورو ٿي رهيو آهي، نين حدبندين کانپوءِ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون، پنهنجي ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي بهتر آهي، شاهراهه فيصل تي پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، جتي به پاڻي هوندو اُتي انتظاميه پهچي ويندي، جتي پاڻي بيٺل آهي انهن کي نيڪال ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔