آرمي چيف پاران ڪراچي ڪور کي فلڊ آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي:آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوج جي ڪراڇي جي ڪور کي ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيوآهي ته ماڻهن جي مدد لاءِ ڪراچي ڪور فلڊ آپريشن تيز ڪيو وڃي ، جڏهن ته ڏکي گهڙي ۾ فوجي دستا هر صورت ۾ متاثر ماڻهن تائين پهچن ۽ شهر جي متاثر ماڻهن جو هر حال ۾ خيال رکيو وڃي .
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ آرمي ۽ رينجرز جون 70 ٽيمون ڪراچي ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪري رهيون آهن۽قائدآباد ۾ ٽيمون متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔