ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ لاڳيتو ٻن ڏينهن کان برسات تباهي مچائي ڇڏي،مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 11 ڄڻا فوت

ڪراچي :سنڌ ۾ لاڳيتو ٻن ڏينهن تائين وقفي وقفي سان جاري رهندڙ برساتن تباهي ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ برساتن جو 90 سالن وارو رڪارڊ ٽٽي ويو. برساتي وهڪرن ڪراچي کي ٻوڙي ڇڏيو، هر پاسي برساتي پاڻي سبب روڊ رستا ٻڏي ويا، مختلف هنڌن تان گٽر اٿلڻ ڪري گندو پاڻي رستن تي اچي ويو، سڀ کان وڌيڪ برسات فيصل بيس تي 125 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ملير ندي کي مختلف هنڌن تان گهارا پوڻ ڪري قائد آباد، ماروي ڳوٺ، ڄام ڳوٺ، ڪوئِي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات دوران حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا ، ملير ندي ۾ چاڙهه بعد ٻارڙَي سوڌو 3 ڄڻا ٻڏي ويا، ملير جي ڀينس ڪالوني ۾ ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر دٻجي فوت ٿي ويو، ڪراچي جي اتحاد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي، هوسڙي ڀرسان ڳوٺ مراد ڪليري ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪڙيو گهنور ۾ اوطاق جي ڇِت ڪرڻ سبب پيرسن دٻجي فوت ٿي ويو، ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ڳوٺ مهر ٻوٽا ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو، ٺٽي ڀرسان ڪينجهر روڊ تي سوزوڪي سلپ ٿيڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ٿاڻو بولاخان ويجهو برساتي پاڻي ۾ ويگو گاڏي ٻڏي وئي، ڀرپاسي موجود ماڻهن گاڏي ۾ سوار 8 ئي ڄڻن کي بچائي ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔