سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جا مختلف شهرن جا دورا

ڪراچي : سنڌ ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دورن تي نڪتل آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه مختلف شهرن جا دورا ڪري رهيو آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه ملير کانپوءِ گهارو پهچي ويو، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جو به دورو ڪندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته برسات سبب تباهين تي افسوس آهي، جتي جتي پاڻي بيٺل آهي اهو نيڪال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، برساتن سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي، عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، اسان پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون، صوبائي وزير رات ملير جي علائقن ۾ موجود هئا، ملير ندي ۾ اوور ٽاپ ٿيو هو، وڏي خطري کان بچي ويا آهيون، ماوري ڳوٺ، سکڻ نالو ۽ ٻين علائقن ۾ مان ويو آهيان، ٺٽو، سجاول ۽ ٻين شهرن جي صورتحال ڏسي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔