برطانيه ۾ ٿولهه سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ اسي سيڪڙو واڌ

لنڊن: برطانيه ۾ هڪ سال دوران ٿولهه سبب متاثر ماڻهن ۾ 80 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ اتان جي حڪومت(باءِ ون گيٽ ون فري) ڊيل ۽ رات دير تائين جنڪ فوڊز جي اشتهارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. برطانيه جي صحت واري قومي اداري موجب هر هفتي پنج سالن کان ننڍي عمر جي هڪ ٻار کي ٿولهه سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هڪ سال جي دوران ٿولهه جو شڪار 19 سالن تائين جا 6 هزار 350 ڇوڪرا ۽ 11 هزار 900 ڇوڪرين کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. آبادي ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ٿولهه کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ برطانوي حڪومت ٿولهه خلاف سرڪاري مهم (وزن گهٽايو اين ايڇ ايس بچايو) شروع ڪئي آهي جنهن جي لاءِ شروعاتي طور تي هڪ ڪروڙ پائونڊ مقرر ڪيا ويا آهن.هي منصوبو 12 هفتن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ماڻهن کي صحتمند خوراڪ استعمال ڪرڻ جي عادت وجهڻ وڌيڪ فعال رهڻ ۽ وزن گهٽ ڪرڻ جا مشورا ڏنا ويندا. برطانيه ۾ ٿولهه جي شرح سڀني کان وڌيڪ آهي. هتي تقريبن بالغ ماڻهن جو وزن وڌيڪ آهي يا هو ٿولهه جي زمري ۾ شامل ٿيندا آهن.مردن ۾ 94 سينٽي ميٽر ۽ عورتن ۾ 80 سينٽي ميٽر کان وڌيڪ چيلهه مطلب اهو آهي ته ان ماڻهن ۾ ٿولهه بابت مرض جو خطرو وڌيڪ آهي. برطانوي حڪومت ٿولهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شهرين کي جسماني وزرش ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. وزياعظم بورس جانسن ٿولهه کي ٽائم بم قرار ڏيندي شهرين کي سنهو ٿيڻ جي اپيل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔