برطانوي ماهر انٽرنيٽ جي تيز ترين رفتار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب

لنڊن: برطانوي ماهرن انٽرنيٽ جي تيز ترين رفتار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي سائنسدان تيز رفتار انٽرنيٽ ڪنيڪشن مان في سيڪنڊ ۾ 178 ٽيرا بائٽس ڊيٽا منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته انٽرنيٽ ڪنيڪشن ايترو تيز آهي جو صرف هڪ سيڪنڊ ۾ پوري نيٽ فلڪس لائبريري کي ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.هي هينئر تائين ڪنهن به انٽرنيٽ جي حاصل ڪيل رفتار کان ٻيڻي تيز آهي. ان کان اڳ تيز ترين انٽرنيٽ اسپيڊ جو رڪارڊ جاپان وٽ هو جتي ڊيٽا اسپيڊ 172 ٽيرا بائٽس رڪارڊ ڪئي وئي هئي.دنيا ۾ استعمال هيٺ ڪمرشل انٽرنيٽ جي سڀني کان وڌيڪ رفتار هن وقت سنگاپور ۾ آهي جتي ڊائون لوڊ اسپيڊ 197.3 ميگابائٽس في سيڪنڊ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔