جيڪو به ڪيس کڻون ٿا، خبر پوي ٿي ته ادارا ڪم ئي نه ڪري رهيا آهن :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: جيڪو به ڪيس کڻون ٿا، خبر پوي ٿي ته ادارا ڪم ئي نه ڪري رهيا آهن، ديانتداري سان ٻڌائي رهيو آهيان ته طاقتور لاءِ ڪو قانون ئي نظر نٿو اچي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جا ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، ماحولياتي تبديلي بابت وزيراعظم جو خصوصي معاون ملڪ امين پيش، عدالت وزيراعظم جي خصوصي معاون سان مخاطب ٿيندي چيو ته سڄو نيشنل پارڪ تباهه ٿي ويو پر قانون حرڪت ۾ نه آيو، توهان تي ڇڏيون ٿا، عدالت کي ٻڌايو ته قانون تي ڪيترو عمل ٿي سگهيو آهي؟ هيل تائين ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان ٿيو آهي، ايندڙ نسلن جي مستقبل سان کيڏيو پيو وڃي، عدالت ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو ماحولياتي تحفظ بابت قائم اداري کي ڪيئن بااختيار ۽ آزاد بڻائي سگهجي ٿو؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔