ڪرونا تي فوري طور ضابطو نه آيو ته دنيا ۾ غربت وڌي ويندي؛ عالمي بئنڪ

واشنگٽن : عالمي بينڪ دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور ڪورونا وائرس تي ضابطو نه آيو ته دنيا ۾ غربت وڌي ويندي ۽ ماڻهو بک مرڻ شروع ٿي ويندا. عالمي بينڪ جي سربراهه ڊيوڊ مليپاس چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري 10ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيڻ جو خدشو آهي. عالمي بينڪ جي سربراهه چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته غربت وڌي ويندي ۽ ڪروڙين ماڻهو بک ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. عالمي بينڪ جي سربراهه موجب قرض ڏيندڙ ملڪن کي غريب ملڪن جي قرضن ۾ گهٽتائي لاءِ فوري طور قدم کڻڻا پوندا، ٻي صورت ۾ حالتون خراب ٿي وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔