سعودي عرب تي ڪيل ڊرون حملو ناڪام

رياض: سعودي اتحادي فورسز حوثي باغين جي ڊرون حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

عرب جي خابرو اداري موجب سعودي فوجي اتحاد يمن جي طرف کان سعودي تي ڪيل حملي کي ناڪام بڻائيندي ڊرون کي نشانو بڻائي ڪيرائي ڇڏيو.

سعودي فوجي اتحاد جي ترجمان ڪرنل ترڪي المالڪي ڊرون ڪيرائڻ جي تصديق ڪندي چيو ته يمن جي راڄڌاني صنعا کان حوثي باغين سعودي عرب جي اتر واري علائقي تي حمو ڪيو جنهن ۾ سويلين هدف کي نشانو بڻايو ويو هو.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي به سعودي فوجي اتحاد يمن جي حوثي باغين طرفان ڪيل ڊرون حملو بڻايو هو جنهن ۾ حوثي باغين ڊرون ۽ ٻه بيليسٽڪ مائر ڪيا هئا. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔