ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو

ڪراچي :ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئن عذاب ڪري ڇڏيو، 15 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي بند هجڻ سبب ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي ويو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، نوشهروفيروز، ٿرپارڪر ۽ ٻين ننڍن وڌن شهرن ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ کان بيزار شهري رستن تي نڪري آيا، لطيف آباد نمبر 12 ۾ مجاهد ڪالوني واسين جي مظاهري دوران مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون ڏنيون، جاتي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌڻ بعد اسپتالن ۾ مريض تڙپڻ لڳا، جنريٽر بند هجڻ سبب مريض پيئڻ جي پاڻي، ايڪسري ۽ الٽرا سائونڊ لاءِ پريشان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔