قومي اسيمبليءَ جو تعزيتي اجلاس مير حاصل بزنجو جي ايصال ثواب لاءِ دعا بعد ملتوي

اسلام آباد : قومي اسيمبليءَ جو تعزيتي اجلاس مير حاصل بزنجو جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهرڻ بعد ملتوي ڪيو ويو، ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حاصل بزنجو سڄي ڄمار جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي، حاصل بزنجو جمهوريت ۽ انساني حقن جو مضبوط آواز هو. قومي اسيمبليءَ جو تعزيتي اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مير حاصل بزنجو جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪرائي. ان موقعي تي نون ليگ اڳواڻ خواجا آصف خطاب ڪندي چيو ته مير حاصل بزنجو جمهوريت ۽ انساني حقن جو مضبوط آواز هو، سڄي ڄمار جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي. پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف چيو ته حاصل بزنجو اصول پسند سياستدان ۽ ملڪ جي وڏي شخصيت هو، سندس سياسي شخصيت جا اثر سڄي ملڪ ۾ نظر اچن ٿا. اسلم ڀوتاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حاصل بزنجو جو لاڏاڻو پوري ملڪ ۽ بلوچستان لاءِ وڏو نقصان آهي، عام چونڊن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ هُن سندس وڏو ساٿ ڏنو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته حاصل بزنجو بلوچستان جي حقن لاءِ هڪ مضبوط آواز هو، جمهوريت لاءِ سندس قربانين سان گڏوگڏ رويو به جمهوري هو. ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حاصل بزنجو صوبائي حقن جي ڳالهه ڪندو هو پر پاڪستان جي سالميت تي ڪڏهن به سوال نه اٿاريو، اهڙين شخصيتن لاءِ پارليامينٽ ۾ هڪ ڪارنر مختص ڪيو وڃي. اسپيڪر اسد قيصر به مير حاصل بزنجو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي قومي اسميبليءَ جو اجلاس سومر ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔