فضل الرحمان کي اپوزيشن تي ڀروسو ناهي، ان ڪري لکت ۾ معاهدو پيو ڪري: شيخ رشيد

راولپنڊي: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي اپوزيشن تي ڀروسو ناهي، ان ڪري لکت ۾ معاهدو پيو ڪري، مولانا کي چوان ٿو ته اپوزيشن وارن تي نيب جا ڪيس آهن، هي اوهان کي ٻيهر ڇڏي ويندا. راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته گهڻو اهي ئي ڳالهائي رهيا آهن، جن تي نيب ۾ ڪيس آهن، عمران خان جيڪڏهن مشڪل ۾ ڦاسي پيو ته ڪو وڏو فيصلو ڪندو پر اپوزيشن وارن کي اين آر او نه ڏيندو. هن چيو ته مريم نواز جلوس جي صورت ۾ نيب آفيس پهتي، سندس اڇلايل پٿر نيب جي آفيس نه پر شهباز شريف جي سياست تي لڳا آهن. سندس چوڻ هو ته مريم نواز ميان شهباز شريف جي سياست تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ کيس ڦاسائي رهي آهي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ ڪي به ويڇا نه آهن، آرمي چيف سمورا معاملا سيٽ ڪري آيو آهي…………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔