اومني گروپ جَي سربراهه انور مجيد جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد : سـُپريم ڪورٽ، جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اومني گروپ جَي سربراهه انور مجيد جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. جسٽس مُشير عالم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 25 آگسٽ تي اومني گروپ جي سربراهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ کانپوءِ انور مجيد سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار آهي…………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔