سنٿيارچي جي درخواست تي رحمان ملڪ ۽ اسلام آباد پوليس کي نوٽيس جاري

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي جي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست تي عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق سنٿيا رچي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سنٿيا رچي جي وڪيل عمران فيروز ملڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سيڪريٽريٽ ٿاڻي کي رحمان ملڪ خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ رحمان ملڪ کي نوٽيس ڪاري ڪري ڇڏيا………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔