ناديا اشرف جو آپگهات، تصوير جو ٻيو رخ

پنجواني سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن اينڊ ڊرگ ريسرچ (پي سي ايم ڊي) ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردياڻي ناديا اشرف جي آپگهات جي باري ۾ شروع ۾ خبرون سوشل ميڊيا تان مليون .انهن خبرن مان جتي اهو معلوم ٿيو ته ناديا اشرف جي پي ايڇ ڊي گذريل پندرهن سالن کان جاري هئي ۽ اڃان تائين مڪمل نه ٿي سگهي هئي اتي اها به خبر پئي ته ان کي ان جي پي ايڇ ڊي سپر وائزر پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري پاران هراسان به ڪيو ويو هو .

ڌيان جوڳي ڳاله اها به آهي ته اهڙيون سڀئي سوشل ميڊيا جون پوسٽون هڪ ٻئي جون ڪاپيون هيون. ۽ وري ڏسندي ئي ڏسندي جسٽس فار ناديا ۽ جسٽس فار ناديا اشرف” جهڙا هيش ٽيگ سوشل ميڊيا تي ڏسجڻ لڳا.

هتي اها ڳالهه غور جوڳي آهي ته ناديا اّشرف جي آپگهات کي قتل قرار ڏيندڙ ۽ تعليمي ادارن ۾ هراسان ڪرڻ جي واويلا ڪندڙلڳ ڀڳ سڀئي ماڻهو نه ناديا اشرف کان نه ئي ڊاڪٽر اقبال چوڌري کي سڃاڻين پيا .

سوشل ميڊيا جو هلڻ اهو ئي آهي ته جيڪو هيش ٽيگ “پاپولر” ٿي وڃي ان کي هر اهو ماڻهن پينهنجي پوسٽ ۾ استعمال ڪندو آهي جيڪو چاهيندو آهي ان جي پوسٽ ٻين کي “فيڊز” ۾ نظر اچي ۽ ماڻهو ان پوسٽ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏين .ناديا اشرف جي آپگهات واري معاملي ۾ به ائين ئي ٿيو .

پر رڳو ڳالهه اتي اچي نه بيٺي آهي پر سوشل ميڊيا صارفين (هڪ ٻئي جي ڪاپي ڪندي ۽ “ڪاپي پيسٽ ڪلچر” تي عمل ڪندي ) پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري لاءِ اهڙا بيهوده ۽ ڪِنا لفظ به استعمال ڪيا جيڪي هتي لکي به نه ٿا سگهجن .

جيستائين ناديا اشرف جو معاملو آهي ته مختلف ذريعن ( انڊيپينڊنٽ ارڊو ۽ يوٽيوب چينل ڊيلي نيوز ٽي وي سميت ) کان اهو ئي معلوم ٿيو ته بهاولپور سان تعلق رکندڙ ان 39 سالن واري پي ايڇ ڊي جي شاگردياڻي جو والد ميرين انجنئر هو . هوءَ تمام گهڻي لائق هئي جنهن بهاولپور جي اسلاميا يونيورسٽي مان ڊي فارم (ڊاڪٽر آف فارميسي) ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ اعليٰ تعليم لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي تحقيقي اداري “ پنجواني سينٽر فار ماليڪيولر ميڊيسن اينڊ ڊرگ ريسرچ”  (پي سي ايم ڊي) ۾ داخلا جي درخواست ڏئي ڇڏي.

سندس قابليت ڏسندي کيس فوري طور تي اتي “ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي ” ۾ تحقيقي شاگرد طور انرول ڪيو ويو ،واضح رهي ته ان نوعيت جي انرولمينٽ ۾ ڪو به شاگرد اڳ ۾ پنهنجي تحقيقي ڪم جي شروعات ايم فل جي سطح سان ڪندو آهي جنهن کي بعد ۾ پوءِ( شاگرد جي تحقيقي اڳڀرائي ڏسندي ) پي ايڇ ڊي تائين وڌايو ويندو آهي .

ناديا اشرف 2007 ۾ ڊاڪٽر امين سوريا جي نگراني ۾ ايم فل ليڊن ٽو پي ايڇ ڊي ۾ انرول ٿي ۽ هن ڪينسر جي سالماتي پاسن تي تحقيق جي شروعات ڪئي جيڪو سڄي دنيا ۾ هڪ ڏکيو موضوع قرار ڏنو ويندو آهي .

توڙي جو ڊاڪٽر امين سوريا کان وڃڻ کانپوءِ ناديا اشرف ڊاڪٽر اقبال چوڌري جي نگراني ۾ پنهنجي تحقيق جاري رکي . ان دوران ان اداري کيس لاڳاپيل تحقيق لاءِ گهربل وڌيڪ تربيت جي نيت سان پنهنجي خرچ تي فرانس موڪليو جتي هوءَ ڪجهه مهينا ترسيل هئي .

اها ڳالهه به ياد رهي ته ناديا اشرف کي گهريلو محاذ تي ڪجهه سنگين مسئلا به هئا ، انڊيپينڊنٽ اردو جي نمائندي رميش علي جي رپورٽ موجب ناديا جو والد 2007 ۾ گم ٿي ويو هو ۽ گهڻي ڳولها کانپوءِ به نه ملي سگهيو هو . پنهنجي والد سان گهڻو ويجهو هئڻ جي ڪري ناديا کي ان سانحي جو سخت صدمو رسيو .ان کان سواءِ هاڻي ان تي تحقيق سان گڏ گڏ گهريلو بار به پئجي ويو هو

اها ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ ناديا ڪراچي جي هڪ پرائيويٽ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار طور نوڪري ڪرڻ کان سواءِ هڪ ٻئي خانگي اداري (شايد ڪنهن اسپتال ) ۾ “اونڪو فارماسٽ” (اونڪولوجي ڪيئر فارماسٽ) جا فرض به انجام ڏنا .

ٻڌائيندو هلان ته اونڪو فارماسٽ اهي ماهر ماڻهو هوندا آهن جيڪي ڪيمو ٿراپي (ڪينسر جي ڪيميائي علاج ) ۾ استعمال ٿيندڙ مادن جي درست نموني تياري ڪندا آهن جڏهن ته ڪجهه وقتن ۾ اها ڪينسر جي مريضن جي سار سنڀال ۽ انهن کي ملندڙ دوائن جي درست مقدار ۽ خوراڪ جو تعين به ڪندا آهن.

والده ۽ خود پنهنجي طبيعت جي خرابي ، مالي پريشانيون ۽ ٻين خانگي معاملن جي ڪري هوءِ پنهنجي ئي پي ايڇ ڊي جي تحقيق کي وڌيڪ وقت نه ڏئي سگهي ۽ اهو ڪم دير کان دير جو شڪار ٿيندو ويو .ان ڳالهه جو ذڪر پاڻ هن پنهنجي ڪراچي يونيورسٽي جي “بورڊ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ  ( بي اي ايس آر) جي رجسٽرار جي نالي لکيل درخواست ۾ ڪيو هو جنهن تي شروع ۾ تاريخ 6 آڪٽوبر 2017 لکيل آهي .

ان درخواست ۾ ناديا اشرف پنهنجي مڙني مسئلن ۽ مصروفيتن جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ بي اي ايس آر کي گذارش ڪئي ته دير ٿيڻ جي باوجود کيس پي ايڇ ڊي ٿيسس جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي .ان درخواست تي ڊاڪٽر اقبال چوڌري جي هٿن سان لکيل Srongly Recommended  جا لفظ به موجود آهن.

انڊيپينڊنٽ اردو ۾ شايع ٿيل خبر موجب ناديا اشرف جي ڀاءُ شهباز ٻڌايو ته هو پنهنجي گهريلو حالتن ۽ پي ايڇ ڊي ٻنهين جي ڪري سخت پريشان رهندي هئي ۽ اسڪيزوفرينيا (شيزوفرينيا) ۾ به مبتلا ٿي وئي هئي جنهن جي ڪري ان کي ڪجهه عرصو ناظم آباد ۾ ڪراچي نفسياتي اسپتال ۾ به داخل ڪرائڻو پيو هو . ان کان سواءِ شديد مايوسي جي ڪري هوءِ 2018 ۾ پنهجون ٻانهون ڪاٽي آپگهات ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري چڪي هئي ، جڏهن کيس اها خبر پئي ته ان کان گهٽ نمبر کڻڻ واري هڪ شآگردياڻي کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي چڪي آهي ، جڏهن ته خود ناديا جي پي ايڇ ڊي 2016 ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها .

ان ئي خبر موجب ، ناديا اشرف جي ڀاءُ شهباز جو اهو به چوڻ هو ته اها پنهنجي پي ايڇ ڊي سپروائزر پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري کي پنهنجي والد وانگر سمجهندي هئي ۽ هن جو بي حد احترام ڪندي هئي ٻيا ذريعا به ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ سان گڏ اهو به ٻڌائين ٿا ته اها ڊاڪٽر اقبال جي خلاف ڳالهائيندڙن سان وڙهي پوندي هئي .

هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته عام تاثر جي ابتڙ ،سائنسي مضمون ن ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم هوندو آهي ، سادي ۽ سولن لفظن ۾ اهو سمجهيو وڃي ته پي ايڇ ڊي ڪرڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ڪل وقتي مصروفيت آهي .جيڪڏهن انکي وقتي طور تي انجام ڏنو وڃي ته پوڙهائپ جي ڏاڪي تي پهچندي به پي ايڇ ڊي اڌ ۾ ئي رهجي ويندي آهي .

پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري جو نالو پاڪستان جي سائنسي حلقن ۾ نهايت ئي ادب ۽ احترام سان ورتو  ويندو  آهي .پنهنجي تحقيقي ڪمن جي ڪري هو تمغه امتياز،ستاره امتياز ۽ هلال امتياز کان سواءِ ٿرڊ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنسز ايوارڊ ،خوارزمي انٽر نيشنل ايوارڊ ۽ اي سي او ايوارڊ جهڙا عالمي ۽ علائقائي اعزاز به پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي .

ٻين اعزازن ۽ انعامن جي لسٽ نهايت ڊگهي آهي پر ايترو ٻڌائڻ بهرحال ضروري آهي ته ڊاڪٽر صاحب هن وقت نيچرل پروڊڪٽ ڪيمسٽري جي شعبي ۾ 68 ڪتاب لکي چڪو آهي ان ئي موضوع تي 40 ڪتابن مان ان جا لکيل باب شامل آهن .

سندس شايع ٿيل تحقيقي مقالن جو انگ هڪ هزار ستاويهه آهي جڏهن ته 57 عالمي پيٽنٽس به ڊاڪٽر صاحب جي نالي تي آهن جن ۾ 51 آمريڪي پيٽنٽس به شامل آهن .ڊاڪٽر صاحب جي نگراني ۾ هن وقت تائين 84 شاگرد پنهنجي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪري چڪا آهن جن ۾ وڏو انگ عورتن جو به آهي .

ايڇ اي جي رسرچ انسٽي ٽيوٽ آف ڪيمسٽري ، ڪراچي يونيورسٽي کان 1987 ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ کان هن وقت تائين آهستي آهستي طئي ڪندو هو ترقي جي بلندين تائين پهچي چڪو آهي .

ڪجهه مهينا اڳ ۾ ئي کيس پاڪستان حڪومت پاران “ڪوآرڊينيٽر جنرل ڪومسٽيڪ” (COMSTECH مقرر ڪيو هو ،

واضح رهي ته “ڪومسٽيڪ” عالم اسلام ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي حوالي سان سهڪار جي تنظيم آهي جنهن ۾ 53 مسلمان ملڪ آهن . ڪومسٽيڪ  جي اهم آفيس اسلام آباد ۾ واقعي آهي جڏهن ته ڪوآرڊينيٽر جنرل ان تنظيم جو اهم ترين عهدو هوندو آهي ، ان کان اڳ اهو عهدو پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان (ايف آر ايس ) وٽ هو جيڪو ڊاڪٽر اقبال چوڌري جو استاد به آهي .

هاڻي ٿورو سوچيو ته هڪ اهڙو ماڻهو جنهن سالن کان سخت محنت ڪئي ۽ رياضت کانپوءِ هڪ اهڙي شعبي ۾ نمايان عالمي مقام حاصل ڪيو هو جنهن ۾ پاڪستانين جو انگ اڳ ۾ ئي گهٽ آهي ، ته ڇا اهڙي شخص جي خلاف سازشون نه ڪيون وينديون هونديون . ناديا اشرف جي آپگهات جي آڙ ۾ ڊاڪٽر اقبال چوڌري جو قتل ڪيو ويوآهي ڪردار جو قتل ، عزت جو قتل ، پيءُ جهڙِي هڪ شفيق استاد جي حرمت جو قتل .

ٻين ادارن وانگر پاڪستان جي سائنسي ادارن ۾ به سياست ۽ ساڙڪاهي پيو آهي ، هتي به ڪيترائي ماڻهوصرف پنهنجي ملازمت جي مدي جي بنياد تي ترقي جا خواهشمند هوندا آهن پر جي انهن جي اکين آڏو ڪو گهٽ عمر وارو ماڻهو پنهنجي قابليت ۽ الله طرفان مليل صلاحيتن جي سگهه تي گهڻي ترقي ڪري وڃي ته پوءِ فوري طور تي ان جي خلاف سازشون سٽجڻ شروع ٿي وينديون آهن .

انهن حالتن ۾ جيڪڏهن ڪا به اهڙي خبر سامهون اچي جنهن کي معمولي رد و بدل سان ان ترقي ڪندڙ شخص جي خلاف استعمال ڪري سگهجي ، ته اهڙا ماڻهو ٿوري به دير نه ڪندا آهن ۽ افواهن جي بازار گرم ڪري  ڇڏيندا آهن . سوشل ميڊيا انهن جو ڪم اڃان وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ناديا اشرف آپگھات جہ معاملو مکمل غير جانبداري ۽ شفافيت سان پرکڻ لاءِ معتبر ۽ معزز ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ گهرجي .پر جي اها ڪميٽي به ڊاڪٽر اقبال چوڌري کي به ان تي لڳايل الزامن مان بر ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا سوشل ميڊيا جا سماجي ٺيڪيدار ان سان معذرت ڪندا؟ جنهن انسان سال نه پر ڏهاڪن جي محنت سان عزت ڪمائي هجي ان لاءِعزت ئي سڀ ڪجهه هوندي آهي .

هاڻي ڪوبه ڊاڪٽر صاحب جي صفائي ۾ اهو دليل پيش ڪري ٿو ته آءِ سي سي بي ايس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن مان 72 سيڪڙو شاگردياڻيون عورتون آهن ۽ هن اداري ۾ هراسان ڪرڻ کي نهايت سختي سان ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي .يا اهو چوندو رهي ته 28 سالن جي واقفيت دوران ان ڊاڪٽر صاحب جي ڪردار ۾ ڪا غلط ڳالهه نه ڏٺي يا اهو ته هو پنهنجي مڙني شاگردن کي پنهنجي اولاد سمجهي ٿو تڏهن به عوام جي ذهنن ۾ پيدا ٿيل شڪ دور نه ٿي سگهندو .

ڊاڪٽر اقبال چوڌري تي به اهو ئي سانحو گذري رهيوآهي ، فيس بڪ ، ٽوئيٽر ۽ يوٽيوب جهڙا سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي ڪمانن مان نڪتل پوسٽون ، ٽوئيٽس ۽ وڊيوز جا زهريلا تير اڳ ۾ ئي ڊاڪٽر صاحب جي ڪردار ،عزت ۽ هڪ استاد جي حيثيت سان حرمت جو قتل ڪري چڪا آهن.

اهڙِي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪوئي ڊاڪٽر صاحب جو دفاع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي غير جانبدار رهو جو مشورو ڏنو ويندو آهي پر جيڪي ماڻهو ڊاڪٽر اقبال چوڌري جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهر اوڳاڇيندا رهيا آهن ۽ حق ۽ صداقت جا دعويدار به آهن ، انهن کان اهو ناهي پڇيو ويندو ته جيڪو ڪجهه اهي ايتري تصديق سان بيان ڪري رهياآهن ان جي ڪهڙي سنَدَ آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔