محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪراچي: محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.

رپورٽ موجب محرم الحرام جي  مهيني 1442هه جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ عصر جي نماز کان پوءِ موسميات کاتي جي آفيس ۾ ٿيندو.

محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيندو جنهن ۾ موسميات کاتو ۽  مذهبي معاملن واري وزارتن  جون اختياريون به شرڪت ڪنديون.

چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان ڪندو.  هوڏانهن فلڪيات جي ماهرن موجب اڄ چنڊ نظر  اچڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔