اسان جو احتجاج وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف هو، ناصر شاهه

ڪراچي : صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته اسان جو احتجاج ڪراچي ڪميٽي نه پر سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف هو، ڪجهه ماڻهن جي نااهلي سنڌ حڪومت تي ٿوپي پئي وڃي، ماضي ۾ ڪراچي ۾ برسات ٿيندي هئي ته 4 کان 5 ڏينهن پاڻي روڊن تي بيهجي ويندو هو، هاڻي ڪجهه ڪلاڪن اندر روڊ صاف ٿي وڃن ٿا، شهر جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اسان جو ڪالهوڪو احتجاج ڪراچي ڪميٽي نه پر سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف هو.ناصر حسين شاهه چيو ته ، ڪجهه ماڻهن جي نااهلي سنڌ حڪومت تي ٿوپي پئي وڃي، ماضي ۾ ڪراچي ۾ برسات ٿيندي هئي ته 4 کان 5 ڏينهن پاڻي روڊن تي بيهجي ويندو هو، هاڻي ڪجهه ڪلاڪن اندر روڊ صاف ٿي وڃن ٿا، شهر جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔