حڪومت احتساب تي سختيءَ سان عمل ڪري رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان نئين پارلياماني ڪلينڊر جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت احتساب ۽ سڌارن واري پروگرام تي سختيءَ سان عمل ڪري رهي آهي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آئيني،سياسي ۽ قانوني معاملن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.بابر اعواڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽئين نئين پارلياماني سال جو ڪيلندر پيش ڪيو، جنهن جي وزيراعظم پاران منظوري ڏني وئي. بابر اعواڻ چيو ته نئين پارلياماني سال ۾ هر مهيني اجلاس ٿيندو، پارلياماينٽ 133 ڏينهن ڪم ڪندي، ملڪي توڙي قومي مفادن جي قانونسازي جو عمل بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو.وزيراعظم بابر اعواڻ جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو ته حڪومت احتساب ۽ سڌارن واري پروگرام تي سختيءَ سان عمل ڪندي، پنجن سالن ۾ اداره جاتي تبديلي جي ايجنڊا پوري ڪنداسين.عمران خان چيو ته ڏکي وقت ۾ ڪيل فيصلن جا ثمر ملڻ شروع ٿي چڪا آهن، حڪومت جو نئون پارلياماني سال ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت جلد ختم ٿيڻ وارو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔