ڪراچي ۾ نوجوان ڊاڪٽرياڻي ماها جي آپگهات وارو مامرو، ڪلفٽن پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو

ڪراچي : ڪراچي ۾ نوجوان ڊاڪٽرياڻي ماها جي آپگهات واري مامري کانپوءِ ، ڪلفٽن پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، ڪلفٽن پوليس جو چوڻ آهي ته گروهوڙ شريف وڃي ڊاڪٽر ماها جي والد سوڌو ٻين گهرڀاتين جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، پوليس نائين ايم ايم پستول جي تصديق لاءِ ڊي سي ڏکڻ کي خط لکي ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته سڀ کان پهرين ڊاڪٽر ماها جي والد آصف شاهه واقعي جو اطلاع ڏنو هو، ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ نوجوان ڊاڪٽرياڻي ماها شاهه جو گهر جي واشروم مان لاش مليو هو، جنهن کانپوءِ چيو ويو ته ڊاڪٽر ماها پستول جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔