پاڪستان ۾ ڪورونا جا 513 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پاڪستان ۾ ڪورونا جا 513 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جڏهن ته موذي مرض سبب 8 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن .

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي موذي مرض سبب حياتين تان هٿ کڻندڙ ماڻهن جو انگ 6209 ٿي ويو آهي .

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ايڪٽو ڪيسز جو انگ 11 هزار 945 آهي ۽ هن وقت تائين 2 لک 72 هزار 804 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن .

گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 23 هزار 670 ٽيسٽ ٿيا ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 23 لک 63 هزار752 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن .

سنڌ ۾ ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 27 هزار 60 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ، پنجاب ۾ 95 هزار 800، خيبرپختونخواه ۾ 35 هزار 468 ، اسلام آباد ۾ 15 هزار 425، بلوچستان ۾ 12 هزار 403، آزاد ڪشمير مان 2 هزار 219 ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 2 هزار583 ٿي ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔