اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي:ترجمان پرڏيهي کاتو

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چيو آهي ته فلسطيني جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڪابه تجويز غور هيٺ ناهي ۽ نه ئي اهو پاڪستان جو ارادو آهي.

 پرڏيهي کاتي ۾ هفتي وار بريفنگ ۾ ترجمان والاريل ڪشمير جو ذڪر ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي هڪ سال پورو ٿي ويو آهي ، ڪشميرين جون قربانيون آزادي واري جدوجهد کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيون آهن.

ترجمان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جبر ۽ تشدد سان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي دٻائي نه ٿو سگهي . پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۾ ڪشميرين جي عدالت کان مٿاهين قتل جي مذمت ڪري ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔