پهريون ڀيرو پاڪ فوج ۽ سول حڪومت هڪ لائين تي آهن: شيخ رشيد

لاهور : پهريون ڀيرو پاڪ فوج ۽ سول حڪومت هڪ لائين تي آهن، آئون پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي نااهل ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، حڪومت جو هڪ اڌ ماڻهو به نااهل ٿي سگهي ٿو، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مريم نواز پهرين جيان هاڻي به نواز ليگ کي مارائيندي، مريم نواز کي لنڊن وڃن جي اجازت نه ملي ته مايوس ٿي پٿرن سان جلوس ڪڍيو، ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت پنج سال پورا ڪندي، اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ڪوبه ماڻهو وزيراعظم سان نفرت نٿو ڪري، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪي سي آر منصوبو هلندڙ سال ئي مڪمل ٿي ويندو، چئن مهينن ۾ ٽريڪ وڇايو ويندو، باقي نالا ۽ گرين لائين لاءِ پُل ڏيڻ وارو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي، آئون پاڻ سنڌ جي دوري تي ويندي ۽ صوبائي حڪومت کي گذارش ڪندي ته ٿورو رستو ڏئي ته جيئن ڪي سي آر منصوبو مڪمل ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔