ججز کي ڌمڪيون ڏيندڙ مولوي آغا افتخار الدين جي ضمانت منظور

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين جوڳي تقرير ڪيس ۾ جوابدار آغا افتخار الدين جي ضمانت منظور ڪري ورتي.چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل 2 رڪني بينچ آغا افتخار الدين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت جوابدار جي ضمانت منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو.چيف جسٽس رمارڪس م چيو ته سڀني کي شفاف ٽرائل جو حق ڏيڻ عدالت جي ذميواري آهي، افتخار مرزا جيڪو ڪجهه ٿيو، اهي سڀني ٻڌو، هي پاڻ کي مذهبي اسڪالر پيو سڏائي.افتخار الدين جي وڪيل چيو ته سندس مئوڪل وڊيو اپلوڊ نه ڪئي هئي.چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ٻڌني هيٺ آهي، اسان آبزرويشن ڏئي ڪيس خراب ڪرڻ نٿا چاهيون…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔