پاڪستان ۾ پهرين محرم الحرام جمعو 21 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ نئين اسلامي سال 1442هجري جي شروعات جمعو 21 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ نئين اسلامي سال 1442 هجري جي شروعات جمعي 21 آگسٽ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته يوم عاشور 30 آگسٽ تي ٿيندو. محرم الحرام جي چنڊ جي رويت جي حوالي سان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس خميس 20 آگسٽ تي ٿيندو.

محرم الحرام 1442 هجري جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي ۽ زونل رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس 20 آگسٽ خميس جي ڏينهن ٿيندا.  هوڏانهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ويب سائٽ تي ملندڙ رڪارڊ موجب پاڪستان ۾ پهرين محرم الحرام 21 آگسٽ تي ٿيندي جڏهن ته عاشور جو ڏهاڙو  10 محرم الحرام 30 آگسٽ تي ٿيندو.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ويب سائٽ تي مهيا ڪيل ڊيٽا موجب هلندڙ اسلامي مهيني ذوالحج جي شروعات 22 جولاءِ تي ٿڻي هئي پر رويت هلال ڪميٽي 21 جولاءِ تي چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن  سبب عيدالاضحيٰ 31 جولاءِ جي بجاءِ پهرين آگسٽ تي ملهائي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔