نيب پراسيڪيوٽر پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي اثاثن ۽ ملڪيتن جا تفصيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا

ڪراچي : شرجيل ميمڻ مختلف ماڻهن جي نالن تي ملڪيتون خريد ڪيون، گهرڀاتين ۽ بي ناميدارن جي نالن تي به ملڪيتون ورتيون، نيب پراسيڪيوٽر پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي اثاثن ۽ ملڪيتن جا تفصيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا، نيب پراسيڪيوٽر انڪشاف ڪيو آهي ته شرجيل ميمڻ 2 ارب 27 ڪروڙ رُپين جا غيرقانوني طور اثاثا ٺاهيا، وٽس 16 ڪروڙ رُپين جي ملڪيت هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته شرجيل ميمڻ جو رڪارڊ مختيارڪار کان گهرايو ويو هو، عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته توهان ايتري به زحمت نه ڪئي جو ملڪيت جي جاچ لاءِ اوڏانهن هليا وڃو، شرجيل ميمڻ جي گهرواري ۽ والده جي وڪيل ٻڌايو آهي ته اُهي خودمختيار ۽ ٽئڪس ادا ڪندڙ آهن، جاچ آفيسر چيو ته هنن دبئي ۾ ملڪيتون ٺاهيون، سندن انڪم ٽيڪس ريٽرن کان وڌيڪ ملڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔