پنوعاقل ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو، جوابدار گهر جي 10 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪهي ڇڏيو

پنوعاقل :پني عاقل ڀرسان جوابدار پنهنجي گهر جي 10 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪُهي ڇڏيو، جوابدار کي ٽن پٽن سوڌو گرفتار ڪيو ويو، ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھاليجوي ڀرسان جوابدارپنھنجي گھر جي 10 ڀاتين کي ڇرين جا وار ڪري ڪُهي ڇڏيو، پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي وئي، ڪينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته اسد انڍڙ جي ڀاءُ ميان وھاب الله انڍڙ ذھني مريض جوابدار 5 عورتن ۽ 5 ٻارن مٿان ڇرين جا وار ڪري سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته اهو جوابدار گدو اسپتال ۾ رهي چڪو آهي، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهتيون، 6 عورتن ۽ 4 ٻارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. جوابدار کي ٽن پٽن سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪجهه سال اڳ جوابدار پنهنجي ڀاءُ کي به قتل ڪيو هو، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، قتل ٿيلن ۾ مارجي ويلن ۾ مسمات حاجياڻي، زڪعيت، نازيه، اقراء، صوبيه، علي شير ۽ ٻيا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔