ڪراچي ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ پاڻ مٿان پستول جو فائرڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي : ڪراچي ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ ڊاڪٽر ماها پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڊفينس فيز فور ۾ ڊاڪٽر ماها پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪيو، ڊاڪٽر ماها شاهه جناح اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، آپگهات جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ماها گذريل رات پاڻ کي گهر جي واشروم ۾ بند ڪري پسٽل جو فائر ڪيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪوبه معاملو نه هو، جنهن جي ڪري ماها انتهائي قدم کنيو، جاچ ڪئي پئي وڃي، آپگهات ڪندڙ ڊاڪٽر ماها گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ هئي ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔