پاڪستان اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪيو ته اسان کي ڪشمير تان به هٿ کڻڻو پوندو، ان ڪري پاڪستان اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته فلسطينين کي حق ملڻ تائين اسرائيل کي تسليم نه ڪيو ويندو .

سندس چوڻ هو ته اسان جو ضمير اسرائيل کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو ،فلسطين جي صورتحال والاريل ڪشمير جهڙِي آهي .

 سعودي عرب سان لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب سان خراب لاڳاپن جون خبرون  بي بنياد آهن ، سعودي عرب جي پنهنجي پرڏيهي پاليسي آهي جڏهن ته پاڪستان جو پنهنجو موقف آهي .

کنڊ بحران بابت ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته کنڊ بحران ۾ جهانگير ترين جو نالو اچڻ تي ڏک ٿيو پر شريفن ۽ زردارين جون  به ڪيتريون ئي شوگر ملون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔