سنڌ جي صحت کاتي پاران پهرين کان 13هين محرم تائين هاءِ الرٽ جاري

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي پاران پهرين کان 13هين محرم تائين هاءِ الرٽ جاري ڪندي انتظاميا کان ٽن ڏينهن اندر ڪانٽيجنسي پلان گهرائي ورتو آهي، صحت کاتي پاران ڪالهه سنڌ جي ڊي جي صحت، ڊائريڪٽر سروسز، سمورن ضلعن جي ڊي ايچ اوز ۽ ٽيچنگ اسپتالن جي ڊائريڪٽرن کي خط لکي ڄاڻايو ويو آهي ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي پلان جوڙي، قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا وڃن، ايمرجنسي لاءِ دوائون جي موجودگي، آڪسيجن، بلڊ، ايمرجنسي آپريشن ٿيٽر، عملو ۽ ضروري سامان موجود رکيو وڃي، پهرين محرم کان 13هين محرم تائين سمورن موڪل تي ويل ملازمن جون موڪلون ختم ڪري، ڪنهن به ڊاڪٽر يا پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي موڪل نه ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔