آرمي چيف ۽ بل گيٽس جو ٽيليفونڪ رابطو،پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ پوليو مهم بابت ڳالهيون

راولپنڊي: آرمي چيف جي جنرل قمر جاويد باجوه ۽ بل گيٽس ۾ ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ پوليو جي خاتمي جي مهم ٻيهر شروعات تي ڳالهيون ڪيون ويون . بل گيٽس پوليو جي خاتمي واري مهم دوران پاڪ فوج جي سهڪار کي ساراهيو

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ بل گيٽس قومي پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ پاڪ آرمي جي اهم ڪردارکي ساراهيندي چيو آهي ته ٻارن جي صحت جي بهتري لاءِ پوليو مهم ۾ پاڪستان سان سهڪار جاري رکنداسين.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پوليو کان پاڪ پاڪستان لاءِ ڪاوشون قومي فرض آهن، پوليو جي خاتمي جي ڪامياب مهم موبائيل ٽيمن، صحت کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي محنتن جو نتيجو آهي.

ڪورونا وبا بابت بل گيٽس جو چوڻ هو ته گيٽس فائونڊيشن سڄي دنيا ۾ وبا جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ، پاڪستان جي محدود وسيلن باوجود ڪورونا جي خلاف ڪاميابي ساراهه جوڳي آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ڪورونا وبا خلاف ڪاميابي مجموعي ۽ قومي رد عمل وسيلي ممڪن ٿي ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر وسيلن جي بهترين استعمال ۾ اهم ڪردارادا ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔