ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ۾ وڌيڪ 17 جانيون ضايع

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ۾ وڌيڪ 17 جانيون ضايع،فوتين جو تعداد 6 هزار 129 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ فوتين جو تعداد 2 هزار 282، پنجاب ۾ 2 هزار 174 ۽ ڪي پي ۾هڪ هزار 231 ٿي ويو. هينئر تائين اسلام آباد ۾ 171،بلوچستان ۾ 138،گلگت ۾ 57 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 59 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 730 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 2 لک 85 هزار 921 ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪرونا جي متاثرن جو تعداد هڪ لک 24 هزار 556،پنجاب ۾ 94 هزار 715 ۽ ڪي پي ۾ 34 هزار 859 ٿي ويو،. رپورٽس مطابق گلگت ۾ 2 هزار 382،بلوچستان ۾ 11 هزار 956 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 157 شهري متاثر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔