لاهور ۾ نواز ليگ طرفان اسٽيج ڊرامو ڪيو ويو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: مني لانڊرنگ اهڙي وبا آهي، جنهن مان گهڻن ماڻهن فائدو ورتو، قومي اسيمبلي ۾ سياسي طور نابالغ ميمبر به موجود آهن، قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي تقرير تي اپوزيشن پاران گوڙ ڪيو ويو ، پ پ ايم اين اي راجا پرويز اشرف جي مطالبي تي پرڏيهي وزير پنهنجا لفظ واپس وٺي ڇڏيا، شاهه محمود قريشي چيو ته سندس بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معافي وٺي ٿو، مني لانڊرنگ جي قانون ۾ اپوزيشن جون هاڪاري ترميمون شامل ڪيون ويون آهن، عوام ڄاڻڻ چاهي ٿو ته نواز ليگ جي گاڏين ۾ پٿر ڪٿان آيا، لاهور ۾ نواز ليگ طرفان اسٽيج ڊرامو ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔