دنيا ۾ ڪرونا جا هاڃا جاري، فوتين جو انگ 7 لک 45 هزار 927 ٿي ويو

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهن،فوتين جو انگ 7 لک 45 هزار 927 ٿي ويو، جڏهن ته ڪرونا کان متاثرن جو تعداد 2 ڪروڙ 5 لک 22 هزار 191 ٿي ويو. رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا جا هڪ ڪروڙ 34 لک 41 هزار 913 مريض صحتياب ٿي ويا آهن. آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد هڪ لک 67 هزار 749، برازيل ۾ هڪ لک 3 هزار 99۽ ڀارت ۾ 46 هزار 188 ٿي ويو. روس ۾ 15 هزار 131،ڏکڻ آفريقا ۾ 10 هزار 751،ميڪسيڪو ۾ 53 هزار 929 ۽ پيرو ۾ 21 هزار 501 ٿي ويو. ڪولمبيا ۾ 13 هزار 475،چلي ۾ 10 هزار 178،اسپين ۾ 28 هزار 581 ۽ ايران ۾ 18 هزار 800 شهري موت جي منهن ۾ هليا ويا. رپورٽس مطابق برطانيا ۾ 46 هزار 628 فوت،سعودي عرب ۾ فوتين جو انگ 3 هزار 233،بنگلاديش ۾ 3 هزار 471،اٽلي ۾ 35 هزار 215 ۽ فرانس ۾ 30 هزار 354 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔