نيب آفيس تي حملو ڪيس: گرفتار ن ليگ اڳواڻ ۽ ڪارڪن جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي

لاهور : گذريل ڏينهن لاهور ۾ قومي احتساب بيورو جي آفيس جي ٻاهران گرفتار ٿيل مسلم ليگ نون جي 58 ڪارڪنن کي لاهور جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت پاران گرفتار نون ليگ ڪارڪنن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو. ان کان اڳ نيب جي آفيس ٻاهران گرفتار ڪيل مسلم ليگ ن جي 58 ڪارڪنن کي هٿڪڙيون هڻي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نون ليگ جي ڪارڪنن کي هٿڪڙين ۾ ضلعي ڪچهري آندو ويو ته انهن هٿن سان وڪٽري جا نشان بڻايا. گرفتار ڪارڪنن جي ضمانت لاءِ نون ليگ جي ليگل ٽيم به عدالت ۾ موجود هئي. ان کان اڳ گذريل رات نون ليگ جي اڳواڻ مريم نواز، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سميت 188 ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ 300 اڻ ڄاتل ماڻهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ فساد ڪرڻ جا قلم لاڳو ڪيا ويا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔