خورشيد شاهه خلاف فرد جرم واري ڪارروائي 24 آگسٽ تائين ملتوي

ڪراچي: سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف فرد جرم واري ڪارروائي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، خورشيد شاهه جي گهرواري بيماري سبب پيش نه ٿيڻ تي اڄ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس سياسي آهن، انهن سان ڪوبه فرق نٿو پوي. احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه جي گهرواري پاران بيماريءَ سبب پيش نه ٿيڻ واري درخواست داخل ڪرائي وئي. خورشيد شاهه جي گهرواري عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب فرد جرم واري ڪارروائي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس سياسي آهي، ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي، کيس عوام 8 ڀيرا چونڊي ايوانن ۾ پهچايو، ان باوجود قيد رکيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته نقشي ٺاهڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو، ڪشمير مسئلي تي جارحاڻي پاليسي ٺاهڻي پوندي، اسان کي قائداعظم جو پاڪستان گهرجي، نيازي جو پاڪستان نه کپي. پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته موجوده حڪومت کي تمام سٺي معيشت ملي پر ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔