اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف 38 ارب روپين جي رمضان ريليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم رمضان ريليف پيڪيج جي تقريب دوران بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي شهباز شريف کي ٻڌايو ته هن سال رمضان پيڪيج جي تحت رقم 13 هزار روپيه ڪئي وئي آهي پيڪيج جو مقصد مستحق ماڻهن کي باعزت رليف فراهم ڪرڻ آهي.
بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته 2025 ۾ رمضاج پيڪيج جي تحت مستحقين کي 5 هزار روپيه ڏنا ويا هئا. مستحق ماڻهن کي رقم بينڪن جي ذريعي سڌو سنئون فراهم ڪئي ويندي.
بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جو رمضان ريليف پيڪيج 38 ارب روپيه آهي، وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي رمضان پيڪيج جي سمورن مرحلن جي نگراني ڪندي. وزيراعظم پاڻ انهي نظام جي نگراني ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل رمضان ۾ مستحق ماڻهن کي ڊيجيٽل نظام جي ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي. گذريل سال رقم 20 ارب روپيه رکي وئي هئي، هن سال رمضان پيڪيج جي تحت 38 ارب روپيه مقرر ڪيا ويا آهن.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ رقم شفاف نظام جي ذريعي رمضان ريليف پيڪيج جي رقم ورهائي ويندي. مستحقن کي في خاندان 13 هزار روپيه ڏنا ويندا.
تبصرے بند ہیں۔