ڪيپٽن (ر) صفدر پاران وزيراعظم ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور: ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر وزيراعظم عمران خان، گهرو معاملن جي مملڪتي وزير شهزاد اڪبر، نيب جي چيئرمين ۽ ڊي جي لاهور جي خلاف ٿاڻي چوهنگ لاهور ۾ قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ٿاڻي تي داخل ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نون ليگ اڳواڻ مريم نواز جي گاڏي جي فرنٽ اسڪرين پٿراءَ سبب ٽٽي وئي.عمران خان، شهزاد اڪبر، نيب جي چيئرمين ۽ ڊي جي نيب لاهور جي هشي تي ليگي اڳواڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. درخواست ۾ هن ڄاڻايو ته صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي هو گاڏي کي ڀڄائي ويو ۽ مريم نواز جي جان بچائي وئي. هن درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته حملو ڪرڻ تي ٻين 100 اهلڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پوليس درخواست وصول نه ڪئي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪئي ويندي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔