ڪورونا سبب پاڪستان ۾ ترسيل وڌيڪ 83 ڀارتي واپس هليا ويا

لاهور: ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ ترسيل ڀارتي شهرين مان وڌيڪ 83 ڄڻا گذريل ڏينهن واپس هليا ويا. شيڊول موجب 118 ڀارتي شهرين کي واپس وڃڻو هو پر 35 ڀارتي شهري وقت تي واهگا سرحد نه پهچي سگهيا.

سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارت مان پاڪستان آيل 350 ڄڻا پاڪستاني آهن جيڪي مختلف سببن جي ڪري پاڪستان ڇڏي چڪا آهن هاڻ اين او آر آءِ(نوري) ويزا تي پاڪستان آيا انهن مان وڏو انگ عورتن جو آهي جنهن جون شاديون انڊيا ۾ ٿيون آهن. ڀارتي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي ته واپس وڃڻ جي اجازت ڏني پر اين او آر آءِ ويزا تي ايندڙ شهرين جي واپسي جو شيڊول فائنل ناهي ڪيو.

منڊي بهاءُالدين جي حميرا جبار ٻڌايو ته منهنجي شادي الهه آباد ۾ ٿي آهي مان شادي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ پنهنجي  مائٽن ۾ آيس ته هتي لاڪ ڊائون ٿي ويو.  هن ٻيهر ڀارتي سفارتخاني ۾ ويزا جي لاءِ درخواست ڏني  پر اڃان تائين ويزا ناهي مليو.

هوڏانهن  الهه آباد ۾ ان جي مڙس فيصل ابراهيم صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي والده جي طبيعت خراب آهي مان چاهيان ٿو ته منهنجي گهر واري  پاڪستان مان جلد واپس اچي. ڪراچي جي افشان سيف ٻڌايو ته منهنجي شادي انڊيا ۾ ٿي هئي پر اڃان تائين مون کي ڀارتي شهريت ناهي ملي.

مان پنهنجي ٻن پٽن ۽ سس سان گڏ ڪراچي آيس منهنجي سس اجازت ملڻ کان پوءِ واپس هلي وئي. نوري ويزا تي پاڪستان ايندڙن ڀارتي سفارتخاني کي اپيل ڪئي آهي ته اسان جي واپسي جو شيڊول به فائنل ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔