نيب آفيس ٻاهران جهڙپون ۽ پٿراءُ: پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، رپورٽ طلب

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار نيب آفيس ٻاهران جهڙپن ۽ پٿراءُ جو نوٽيس وٺندي واقعي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي ڇڏيو.

چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس  کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار نيب آفيس جي ٻاهران جهڙپن ۽ پٿراءُ ڪندڙن جي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. قانون هٿ ۾ کڻندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

قانون جي عملداري کي يقيني بنايو وڃي. عثمان بزدار  وڌيڪ چيو ته اهڙي ڪريل حرڪت ڪندڙن جي خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔