وزيراعظم عمران خان 13 آگسٽ تي بي آرٽي پشاور جو افتتاح ڪندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان 13 آگسٽ 2020 تي بي آرٽي پشاور جو افتتاح ڪندو ، ساڻس گڏ خيبرپختونخواه جو وڏو وزير به هوندو .

وزيراعظم عمران خان کي بي آرٽي پشاوربابت بريفنگ به ڏني ويندي ، بي آرٽي بسن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ شهرين ۾ ڪارڊ پڻ ورهايا ويا آهن

خيبرپختونخواهه حڪومت مجموعي طور تي هڪ لک سفري ڪارڊ ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ان کان اڳ وزيراعظم  کي جون 2020 ۾ پشاور بس ريپڊ منصوبي جي افتتاحي ربن ڪاٽڻي هئي  پر ڪورونا وائرس جي ڪري دير ٿي وئي ، بي آر ٽي منصوبي جي افتتاح لاءِ 9 ڀيرا تاريخ ڏجي چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔